باغي شاعر شيخ اياز- ڪتاب

باغي شاعر شيخ اياز- ڪتاب

باغي شاعر شيخ اياز

باغي شاعر شيخ اياز (ڪتاب ):هي ڪتاب اياز ابڙي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شيخ اياز جي ڪجهه شاعريءَ کان سواءِ، اياز جو سوانحي خاڪو به ڏنو ويو آهي ۽ اياز جي فن ۽ شخصيت تي مختلف عالمن ۽ اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، آغا سليم، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، فياض لطيف، آفتاب سومرو، نسيم بخاري، وحيد محسن، همير چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. 48 صفحن تي مشتمل، هڪ رنگي ٽائيٽل سان پڪي جلد واري، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي. هي ڪتاب نئين دنيا پبليڪيشن. شڪارپور پاران 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو